پاڪستانسنڌ

سمس اسپتال کي سهولتون ڏيڻ لا سرگرم آهيون:ڊي سي سانگهڙ

شھدادپور: ڊپٽي ڪمشنر سانگھڙ چيو آھي ته سنڌ حڪومت ۽ صحت جي صوبائي وزير جي ھدايتن تي اسان شھدادپور سمس اسپتال کي گهربل سهولتون ڏيڻ لا سرگرم آھيون. عمران الحسن خواجه شھدادپور سمس اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ۽ اسپتال جي انتظاميا سان ڪيل ھنگامي گڏجاڻي بعد شھدادپور جي صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ فنڊن جي کوٽ بابت صوبائي انتظاميا کي مڪمل رپورٽ ڪري گهربل سامان، اسپيشلسٽ ڊاڪٽرن جي کوٽ، مختلف شعبن کي فعال ڪرڻ لا ڳالهيون ڪيون ويون آھن. شھدادپور سمس اسپتال گمبٽ اسپتال جيان جلد مشھوري ماڻيندي ۽ ھن علائقي جي مسڪين غريب ماڻھن کي علاج جون گهربل سهولتون جلد مهيا ڪندي. ڊي سي چيو ته نئين ڊائريڪٽر سمس مان اميدون آهن. ڊي سي سمس اسپتال کي مڪمل پيور بلاڪ، ڊرينيج اسڪيم ۽ پمپنگ اسٽيشن ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ڊائريڪٽر سمس ڊاڪٽر عبدالله ڪامران سمس اسپتال جي مسئلن بابت ڊي سي کي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊائريڪٽر سمس ڊاڪٽر عبدالله ڪامران، اي سي شھدادپور جاويد ڏاهري، ڊاڪٽر نياز چنڙ، ايڊمنسٽريٽر لياقت ڪلهوڙو، موسى انصاري، ڊي ايس پي ايوب بروهي ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button