اسلام آبادپاڪستان

قومي اسيمبلي ۾ دوست محمد مزاري تي بدترين تشدد خلاف ٺهراءُ منظور

اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري تي حملي خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو. نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ ٿيل پهرئين اجلاس دوران مسلم ليگ ن جي خواجا آصف خيالن جو اظهار ڪندي پنجاب اسيمبلي ۾ پيدا ٿيل صورتحال طرف ڌيان ڏياريو. خواجا آصف جو چوڻ هو ته پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر تي حملو ڪيو ويو ۽ ان کي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ويو. پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ اهڙو بدترين مثال نٿو ملي، اسيمبلي ميمبر طور ان واقعي تي شرم وچان ڪنڌ جهڪي ويو آهي.ان کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري تي حملي خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪندي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. خواجا آصف چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري تي بدترين تشدد ڪيو ويو ۽ اسيمبلي جو تقدس پائمال ڪيو ويو. پنجاب جي ڊپٽي اسپيڪر کي چماٽ هنئي وئي آهي، جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. ملڪ ۾ آئين جي بالادستي هجي، غنڊا گردي جي اجازت نه ڏني وڃي. هن چيو ته پارليامنٽيرينز جي حيثيت سان اسان لاءِ شرم جهڙي ڳالهه آهي جو ڊپٽي اسپيڪر تي حملو ڪيو ويو. عمران خان ۽ پرويز الاهي بدترين حربا هلائي رهيا آهن، هي ماڻهو غير قانوني طريقي سان ڪرسي سان چنبڙيل رهڻ چاهين ٿا. خواجا آصف چيو ته اقتدار جي منتقلي آئين ۽ قانون جي موجب ٿي، پنجاب ۾ پرويز الاهي گجرات مان غنڊا آندا، پنجاب ۾ جيڪو ٿيو غير آئيني، غير قانوني ۽ غنڊا گردي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button