اسلام آباد :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪي ادارا تڪراري رهيا، اهي پنهنجي آئيني ڪردار ڏانهن وڌي رهيا آهن، ادارا تڪراري ٿيڻ بدران آئيني بڻجن، اقتدار جي منتقلي جو عمل مڪمل ڪن. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گذريل مهيني ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ ايوان سان مذاق ڪيو ويو، پارليامينٽ جي توهين ٿيندي رهي آهي. جهڙي ريت آئين سان کيڏيو ويو، سڄي دنيا اسان تي کلي آهي.هن چيو ته سليڪٽڊ وزيراعظم کي ايوان مان ٻاهر ڪڍيو، هاڻ اسان گڏيل حڪومت آهيون، جنهن مان عوام کي اميدون آهن. ڪا به طاقت پاڪستان کي ترقي کان نٿي روڪي سگهي، گذريل ڪجهه عرصي ۾ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پهتو. سندس چوڻ هو ته آئين جو بچاءُ نه ڪنداسين ته پاڻ کي پاڪستاني نه سڏرائي سگهنداسين. وزيراعظم صاحب! سڀ ادارا ۽ عوام توهان ڏانهن واجهائي رهيو آهي، پ پ قيادت شهادت قبول ڪئي پر آئين ۽ جمهوريت تي راتاهو اچڻ نه ڏنو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي طرفان نئين چونڊيل اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي مبارڪون ڏيان ٿو. جهڙي ريت قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو شهادت قبول ڪئي ۽ پارليامان جو دفاع ڪيو، جنهن طريقي سان محترمه بينظير شهادت قبول ڪئي پر جمهوريت تي ڏکيو وقت اچڻ نه ڏنو. اهڙي طرح اسپيڪر به هن ايوان تي ڪا مشڪل اچڻ نه ڏيندو. سمورو ملڪ هاڻي اپوزيشن ڏانهن ڏسي رهيو آهي. جيڪڏهن اسان هن جدوجهد ۾ ڪامياب ٿياسين ته تاريخ اسان کي ياد رکندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان سڀ شهيد بي بي کي به ياد ڪيون ٿا ۽ بيگم بلقيس ايڌي صاحبا کي به ياد ڪيون ٿا، ايوان بلقيس ايڌي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪري ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close