اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ جي ميگهواڙ پاڙي ۾ هفتو اڳ مبينا زخمي ٿيل 6 ٻارن جي ما سنگيتا زال روي ميگهواڙ گذريل ڏينهن حيدرآباد جي لال بتي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي، فوتي عورت جو لاش اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ پوليس موجب ناري کي هفتو اڳ وارث زخمي حالت ۾ اسپتال کڻي آيا هئا، جتي ناري جي ساهورن موقف اختيار ڪيو هو ته ناري جو دماغي توازن درست نه هئڻ سبب هن باٿ روم ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي ۽ رسو ٽٽڻ سبب هو هيٺ ڪري زخمي ٿي پئي، اسان علاج لا ليٽر ڏنو، عورت حيدرآباد ۾ فوت ٿي وئي آهي. ناري جي پي لڇمڻ چيو ته منهنجي ڌي کي ناٺي روي ۽ نڻان گڏجي سخت تشدد ڪري قتل ڪيو آهي، آخري رسمون ڪرڻ بعد صلاح مشورو ڪري وڌيڪ ڪارروائي لا اينداسين. هوڏانهن الزام هيٺ آيل فوتي عورت جي مڙس روي ٻڌايو ته زال تي تشدد ڪرڻ جي الزامن ۾ ڪا صداقت نه آهي، گهرواري سان ڪڏهن تڪرار نه ٿيو آهي، واقعي واري ڏينهن ٿرڪول ڊيوٽي تي هئس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close