ٽنڊوالهيار/چمبڙ: چمبڙ ۾ غريب شاخ، زئور شاخ، ميران کوري، چمبڙ ۽ چاڪر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي آبادگارن ۽ ڪارڪنن ٽنڊوالهيار تائين پيادل مارچ ڪري مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ چمبڙ ۾ غريب شاخ، زئور شاخ، ميران کوري، چمبڙ ۽ چاڪر شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ ختم نه ٿي. عوامي ورڪرز پارٽي جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ آبادگارن صبح جو اٺين وڳي پيادل مارچ ڪيو، مختلف هنڌن تي احتجاج ڪرڻ بعد شام جو مارچ ٽنڊوالهيار پهتو، مارچ ۾ شريڪ ڪارڪنن ۽ آبادگارن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي سنڌ هاري پورهيت ڪميٽي جي صدر فيض ڪيريو، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ مقبول لغاري، مولابخش لغاري، امير بخش رند، ارشاد لغاري ۽ ٻين چيو ته ٽن مهينن کان پاڻي ناهي، مال به اڃ مري رهيو آھي. عام ماڻھو جو گذر سفر زراعت تي آھي، پر پاڻي جي کوٽ زراعت جي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آھي، غريب بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي. سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ٻين بئراجن مان جئين ئي پاڻي نڪري ٿو ته بااثر وڏيرا آبپاشي آفيسرن سان ملي ڪري پاڻي چوري ڪن ٿا، هڪ سال اندر آبپاشي آفيسر اربين رپيا ڪمائين ٿا، اسان جا حق غضب ڪرڻ واري عمل ۾ چونڊيل نمائندا به شامل آهن. شاخن ۾ پاڻي نه هجڻ ڪري آبادگارن جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. آبادگارن چيو ته اسان زمين تي پاڻي نه هجڻ ڪري گاهه به پوکي نٿا سگهون، پاڻي جي ڦڙي لا پريشان آهيون، ربيع جو فصل ويو، خريف جو فصل اچي رهيو آهي، بااثر ماڻهو چاهين ٿا ته آبادگار پنهنجون ڪروڙين رپين جون زمينون مجبور ٿي ڀڳڙن مٺ وڪرو ڪن. هنن سپريم ڪورٽ، آرمي چيف، وڏي وزير ۽ ٻين اختيارين کان گهر ڪئي ته پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ عيد کانپو چمبڙ کان سوين آبادگار حيدرآباد ۽ پو ڪراچي سي ايم هائوس تائين پيادل مارچ ڪندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close