پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر لڳ پرڻيل ناري مڙس کان ڪاوڙجي انت آڻي ڇڏيو

ننگرپارڪر: ننگرپارڪر لڳ ڳوٺ سومڙيٽ ۾ 25 سالن جي ثـمينه زال جسونت لال ڀيل پنهنجي گهر اندر ڪوئا مار زهريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، ناري دوا پيئڻ بعد ناري بيهوش ٿي هئي، جنهن کي وارث تعلقي اسپتال کڻي پئي آيا ته هو رستي ۾ فوت ٿي وئي. وارثن چيو ته گذريل ڏينهن ناري ڪنڊي جي وڻ ۾ سنڱريون لاهي رهي هئي ته پير ترڪڻ سبب ڪنڊي جي وڻ تان سندس ھيٺان بيٺل مڙس مٿان ڪري پئي هئي، جنهن ڪري سندس مڙس زخمي ٿي پيو هو، مڙس ناراض ٿي مٿس تشدد ڪيو هو، جنهن تان ناراض ٿي ناري گهر اچي ڪوئا مار زهريلي دوا پي ڇڏي، ثمينه کي 15 مهينن جو پٽ جو اولاد آهي. هوڏانهن پوليس چيو ته ثمينه مڙس سان ناراض ٿي خودڪشي ڪئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون، ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button