پاڪستانسنڌ

سيما عباسي ادبي مورچا فتح ڪيا آهن:واهي پانڌي ۾ تقريب

واهي پانڌي: سنڌي ادبي سنگت شاخ واهي پانڌي پاران سنڌي ٻولي جي نامور ليکڪا سيما عباسي جي سالگرهه تقريب چانڊوڪي ادبي مئگزين جي سهڪار سان واهي پانڌي ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي خزانچي مارو جمالي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي ناليوارن شاعرن عزيز گوپانگ، تابش بخاري، سهڻي جويو، ساجده ميمڻ، زاهد مرتضى ڌاريجو، راهي رستماڻي، امير پريمي، اڪبر لاشاري، وفا عنايت رستماڻي، باغي بشير، عنايت لاشاري، مدهوش ٿھيم ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تقريب کي خطاب کي ڪندي ساس جي مرڪزي خزانچي مارو جمالي چيو ته سيما عباسي جي شاعري ۾ معنائن جا موتي ۽ درد جون تصويرون شامل آهن، سيما تڪليفن باوجود به قلم سان نڀايو آهي. مهمان خاص ناليواري شاعر عزيز گوپانگ ڳالهائيندي چيو ته شاعرائون ته کوڙ آهن، پر هر شاعرا سٺو نٿي لکي سگهي، سيما جي قلم ۾ اها طاقت ضرور رهي آهي، جنهن سان سيما لڳاتار ادبي مورچا فتح ڪيا آهن. زاهد مرتضى ڌاريجو ڪاڇي جي ماڻهن کي انمول هيرا قرار ڏيندي چيو ته اسان کي هنن ماڻهن مان سکڻ گهرجي. سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي اڳواڻ سهڻي جويو چيو ته مان خوشنصيب آهيان جو سيما جهڙي بهادر شاعره منهنجي ڀيڻ آهي. سيما عباسي چيو ته ٻهراڙين جي ماڻهن ۾ سچائي وڌيڪ هوندي آهي. تقريب ۾ ساس جي سيڪريٽري اسير امتياز پڻ خطاب ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button