ميرپورخاص: مڙس جي تشدد ۽ ظلمن کان تنگ ٿي عورت وجھه وٺي سکر کان ميرپورخاص پھتي، ڪوٽڙي سائيٽ جي رهواسڻ ڪنول راجپوت ميرپورخاص عدالت پھچي صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته منھنجي شادي ڪوٽڙي ۾ ئي منھنجي سئوٽ سان ٿيل ھئي، جنھن سان منھنجي والد اشفاق زوري خلع وٺرائي زبردستي سکر واسي وڏي عمر 60 ورھين جي شخص شفيق احمد سان شادي ڪرائي، جيڪو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي مون تي ۽ منھنجي ٻارن تي تشدد ڪندو ھو، جنھن جي ظلمن کان تنگ ٿي وجھه وٺي ميرپورخاص سھيلي وٽ پناھه ورتي آھي ۽ عدالت پھچي مڙس کان خلع لا سوٽ داخل ڪرايو آھي، ھاڻ مون کي منھنجو والد اشفاق، مڙس شفيق احمد کوسو ۽ سندس مائٽ جان سان مارائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ھن ڊي آئي جي حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص کان تحفظ جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close