پاڪستانپنجاب

پنجاب اسيمبلي ۾ تشدد جو نشانو بڻيل پي ٽي آ ميمبر آسيا امجد جي حالت ڳڻتي جوڳي

لاهور :پنجاب اسيمبلي ۾ تشدد جو نشانو بڻيل تحريڪ انصاف جي عورت اسيمبلي ميمبر آسيا امجد جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. کيس 3 ڏينهن اڳ وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو هو. ان حوالي سان تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن موجب عورت اسيمبلي ميمبر آسيا امجد جي دماغ ۾ رت ڄمي ويو آهي، جنهن سبب هو وينٽي ليٽر تي آهي سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. تحريڪ انصاف جي ترجمان موجب آسيا امجد پنجاب اسيمبلي جي ايوان ۾ پوليس تشدد جو نشانو بڻي هئي. جنهن کان پوءِ سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ هو ڪوما ۾ هلي وئي آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته آسيا امجد جي دماغ جو رت ڄمي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button