اسلام آباد :ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته مئي ۽ جون ۾ پيٽرول سبسڊي جو 96 ارب رپين جو خرچ ٿيو. هي پاڪستان جي سويلين حڪومت هلائڻ جي خرچ کان ٻيڻو آهي، جنهن کي اسان جاري نٿا رکي سگهون. ان تي وزيراعظم کي فيصلو ڪرڻو پوندو، آءِ ايم ايف سان منهنجي ملاقات ٿي وڃي پوءِ ان تي ڳالهائيندس. ڪالهه اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس بريفنگ ۾ مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته عمران خان بارودي سرنگهه لڳائي ويو آهي، ڊيزل ۽ پيٽرول تي ٽيڪس نه ورتو. عمران خان شهباز شريف جي حڪومت کي ڏچي ۾ وڌو آهي، پيٽرول سستو ڪرڻ ڪا مهرباني نه هئي ڇو ته عوام جا ئي پيسا هوندا آهن. مفتاح اسماعيل جو چوڻ هو ته 52 رپيا ڊيزل تي سبسڊي آهي ۽ 21 رپيا پيٽرول تي آهي. اپريل ۾ سبسڊي جي مد ۾ 68 ارب رپيا خرچ ٿيو آهي، جيڪو ڪالهه منظور ڪيو ويو ۽ اوگرا موجب مئي ۽ جون ۾ 96 ارب رپين تائين خرچ ٿيو. ناڻي واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هڪ خط ڏيکاري رهيو آهيان جيڪو پي ٽي آءِ جي نااهلي ۽ بدعنواني بيان ڪري ٿو. خط ڏيکاريندس ۽ لڪائي کڻي نه ويندس، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پريس بريفنگ دوران خط لهرايو. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف وارا 5575 ارب رپين جو خسارو ڇڏي ويا آهن، ن ليگ جي دور ۾ بجيٽ خسارو 1660 ارب رپيا هو. عمران خان 4 سالن ۾ 20 هزار ارب کان وڌيڪ قرض ورتو، مسلم ليگ ن 2 هزار ارب رپيا قرض وٺندي هئي. عمران خان ساڍا 4 هزار ارب رپين جو ساليانو قرض وٺي رهيو هو، هن هڪ ڊالر به واپس ناهي ڪيو ۽ قرض وٺڻ باوود هڪ سر به ناهي لڳائي. هڪ اسڪول ناهي ٺاهيو، عمران خان ۽ بوزدار رڳو تختيون لڳايون آهن. هن چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران خان جي حڪومت بدعنوان وڌيڪ هئي يا نااهل، اسان قيمتن ۾ گهٽتائي ڪنداسين، روئينداسين نه. پاڪستان ۾ رپيو مضبوط ڪنداسين، عمران خان جي حڪومت ۾ ٻئي سال ناڪاري ناڻي واڌ جي شرح ناڪاري هئي. عام واهپي جي شين ۾ موجوده وقت ۾ مهانگائي 17 ڏهائي 3 سيڪڙو آهي. ٽيڪس اوڳاڙيون 11 سيڪڙو کان گهٽجي 9 تي اچي ويون آهن. مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان ساليانو قرض 900 سيڪڙو وڌائي ڇڏيو آهي. اڄ هڪ ڪروڙ 35 لک ٻار مفلسي ۾ زندگي گهاري رهيا آهن. ايڪسپورٽ ضرور وڌي پر مهانگائي به وڌي وئي، ايڪسپورٽ کان وڌيڪ امپورٽ وڌي وئي آهي. ايس اين جي پي ايل ۾ ٻه سئو ارب کان وڌيڪ نقصان ٿيو، گيس سيڪٽر جو ان کان اڳ ڪو سرڪلر ڊيٽ نه هو، اڄ 15 سئو ارب رپين جو سرڪلر ڊيٽ گيس سيڪٽر ۾ آهي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته يوريا هڪ لک چاليهه هزار ٽن اسمگل ٿي چڪو آهي، يوريا جي اسڪيپورٽ جي اجازت نه ملڻ گهرجي ها، عمران خان جي حڪومت گذريل سال ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪري ڇڏي، وزيراعظم فوري طور تي جاچ ڪميشن ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. جاچ ڪنداسين ته هن اسمگلنگ ۾ ڪير ڪير ملوث آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته بهتر عوام ۽ ترقي دوست بجيٽ ڏني ويندي، پاڪستان ۾ رپئي کي مضبوط ڪنداسين، غربت جي سطح کي به گهٽايو ويندو. اميد آهي هاڻي رپيو وڌيڪ نه ڪرندو، اسان چاهيون ٿا ته آءِ ايم ايف جو پروگرام بحال ٿي وڃي. جڏهن ته اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته مهانگائي جو خاتمو ڪابينا جي پهرين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف مهانگائي سان رليف ڏيڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي. گذريل 4 سالن ۾ معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، معاشي دهشتگردي سان عوام جون چلهين تي اثر پيو. سندس چوڻ هو ته اسٽاپ ۽ واچ لسٽ کي سياسي انتقام لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو. نيب جي ڊپ سبب 27 پاور پلانٽس ۽ 4 سال ڪو ڪم نه ٿيو، اي سي ايل قانونن تي 3 ڏينهن جي اندر ڪاميٽي ڪابينا کي رپورٽ ڪندي، سموري گذريل ڪابينا اي سي ايل تي هجڻ گهرجي ها، ايف آءِ اي کي به ذاتي مفاد لاءِ عمران خان استعمال ڪيو. وفاقي ڪابينا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، قانون وارو وزير اعظم نذير تارڙ ڪميٽي جو سربراهه هوندو. نويد قمر، اسعد محمود، اياز صادق به ڪميٽي ۾شامل آهن. ڪميٽي اي سي ايل قانون جو جائزو وٺي ڪابينا آڏو پيش ڪندي. وزيراعظم نيشنل سيڪيورٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ڪابينه جي جوڙ جڪ ۾ دير جي ڪري هن ڪميٽي جو اجلاس نه ٿي سگهيو. نيشنل سيڪيورٽي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس جلد ٿيندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close