پاڪستانسنڌ

ام رباب باهه متاثرن وٽ پهچي وئي، راشن ورهايو

فريدآباد: فريدآباد ڀرسان ڳوٺ فيض محمد درياڻي چانڊيو ۾ باھه لڳڻ سبب 10 انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيڻ واري واقعي کانپو ام رباب چانڊيو متاثرين وٽ پھچي فوتين جي وارثن کي ڏهھ ڏھه ھزار رپڪ ۽ 2 سئو راشن جا پيڪٽ ڏنا. جڏهن ته ام رباب چانڊيو جي پھچڻ تي متاثر عورتن پنھنجن پيارن کي ياد ڪندي اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪيون، جنهن ڪري شام غريبان وارا منظر برپا ٿي ويا. ان موقعي تي ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ظلم جي انتھا آھي، جو اسان جو اھڙو ناقص انتظامي نظام آھي جو باھه لڳڻ سبب ماڻھو تڙپي رھيا ھئا ته نه باھه وسائڻ لا فائر برگيڊ ھئي ۽ نه وري زخمي کڻڻ لا ايمبولينس، مون به ھنن مظلوم عورتن جيان پنھنجن پيارن جا اجتماعي جنازا ڏٺا آھن، ڪربلا جا منظر نظر ٿا اچن، اڄ ھنن مظلوم عورتن جون دانهون انصاف ڏيڻ وارن اعلى ادارن لا ھڪ وڏو سوال آھن. ھن چيو ته اچو ھنن مظلومن جي مدد ڪيو، ھنن جو آواز بڻجون، انتظاميا جي نااھلي ۽ غفلت سبب ھي واقعو سانحي ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جيڪڏهن انتظاميا تحرڪ وٺي ھا ته ايڏو نقصان نه ٿئٔي ھا، اھو سڀ حڪمرانن جي ڪرپشن جي ڪري ٿيو آهي، حڪمرانن جي مارچ ۽ جلسن جي لا ته فائٔربرگيڊ گاڏيون ميسر آهن، پر مظلومن جي مدد لا ناهن. هن وڌيڪ چيو ته عوام ھنن کي ووٽ ڏئي اقتدار تائٔين پھچايو آهي، ھو ڊڄن ان ڏينھن کان جڏهن ھو عوام کان ووٽ وٺڻ ايندا ۽ ھنن کان عوام ظلم جو حساب وٺندو. ٻئي پاسي نامياري شاعر مهر ڊرٻائي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته واقعي سبب سنڌ سوڳوار آهي، سنڌ جو حاڪم پهتو آهي، پر هن وزيراعلي صرف سکڻا دلاسا ڏنا آھن، فوت ٿيلن لا 30 لک رپيا اعلان ڪيو وڃي. جيئي سنڌ محاذ جو مرڪزي اڳواڻ امر جوڻيجو، ميهڙ عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ سيد لعل شاهه، ايڊوڪيٽ سعيد احمد پنهور، اڳوڻو سينيٽر صداقت علي جتوئي ۽ ٻيا وفد جي صورت ۾ ڳوٺ فيض محمد چانڊيو پهچي باهه متاثرن ۾ راشن ورهايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button