اسلام آبادپاڪستانعالمي

شهباز شريف ۽ عمران خان سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر جون ڌار ڌار ملاقاتون

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمران خان سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. ان ڏس ۾ ڪالهه
وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان جي عزم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. ڪانگريس ميمبر الهان عمر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي دوري سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ٻئي طرف پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان سان پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ان جي رهائشگاهه بني گالا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ اسلامو فوبيا ۽ لاڳاپيل معاملن تي ڳالهايو ويو. ملاقات ۾ شاهه محمود قريشي، اسد عمر، ڊاڪٽر شيرين مزاري، ذولفي بخاري ۽ ڊاڪٽر شهباز گل به موجود هو. عمران خان چيو ته الهان عمر جي آجيان ڪريون ٿا، ڪيترن ئي ڏکيائين ۽ مزاحمت جي باوجود الهان عمر جو اسلامو فوبيا کي روڪڻ جو علم کڻڻ ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته نائين اليون کان پوءِ اسلام ۽ اسلام واسين جي خلاف بدترين انتقامي مهم جو نشانو بڻايو ويو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مسلم قيادت دنيا کي اسلام ۽ پيغمبر اسلام جو صحيح تعارف ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. شدت پسندي ۽ دهشتگردي کي اسلام سان ڳنڍيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button