اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي ٽن سالن کان ملندڙ تحفن جا تفصيل پاڪستان انفارميشن ڪميشن جي آرڊر تحت درخواست گذار صحافي کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي توشا خانا مان ملندڙ تحفن جي ڄاڻ ڏيڻ کان روڪڻ جي درخواست تي شنوائي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته اها پاليسي هجڻ ئي نه گهرجي ته ڪجهه رقم ڏئي تحفا گهر کڻي وڃو. اها پاليسي ٺاهڻ جو مطلب ته اهو ئي ٿيو ته اوهان تحفن جي سيل لڳائي رکي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏيندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت کي جيڪي تحفا ڏنا ويا، اهي ان آفيس ڏانهن ويندا آهن. اهي تحفا گهر کڻي وڃڻ لاءِ ناهن هوندا. پرڏيهه مان ملندڙ تحفا ڪير به گهر کڻي ويو آهي ته اهو واپس ڪري. ماڻهو ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن، وزيراعظم آفيس اتي ئي رهندي آهي. جسٽس ميان گل حسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته پرڏيهه مان ملندڙ تحفا ڪير به گهر کڻي ويو آهي، اهو فوري طور تي واپس ڪري. وفاق طرفان ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد ڪياني عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊپٽي اٽارني جنرل ارشد محمود ڪياني عدالت کي ٻڌايو ته اٽارني جنرل ڪيس کي ڏسي رهيو هو، نئين حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ نئين هدايتن لاءِ وقت ڏنو وڃي. عدالت چيو ته انفارميشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي مليل تحفن جا تفصيل درخواستگذار کي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي ڪو به اسٽي آرڊر جاري ناهي ڪيو ويو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته ماڻهو ايندا ويندا رهن ٿا، وزيراعظم آفيس اتي رهي ٿي. جيڪو به تحفو ڏنو ويو آهي اهو هن آفيس جو آهي، گهر وٺڻ لاءِ نه. گذريل 20 سالن ۾ جيڪي تحفا ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن کڻي ويا آهن اهي واپس وٺو، گذريل 20 سالن جا تحفا ڏسو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close