اسلام آبادپاڪستان

پيپلز پارٽي قربانيون ڏئي به سدائين ادارن جو ساٿ ڏنو آهي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد :چيف جسٽس آف پاڪستان صدارتي ريفرنس جي شنوائي دوران رمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي لاءِ بيٺي آهي، جيستائين آئين کي مڃڻ واران آهن تيستائين تنقيد ڪرڻ سان ڪو به فرق نٿو پوي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس جي شنوائي ٿي، جنهن دوران چيف جسٽس چيو ته آئين تي تنقيد ڪرڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، جيڪي ماڻهو تنقيد ڪن ٿا انهن کي ڪو نه ڪو تڪليف پهچندي هوندي. عدالت جا دروازا تنقيد ڪندڙن لاءِ به کليل آهن، عدالت جو ڪم سڀني سان انصاف ڪرڻ آهي. ماڻهن مان ذاتي ڪنٽرول ۽ برداشت ختم ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڪوئي اسان جي باري ۾ ڪجهه به سوچي، ملڪ جي خدمت ڪندا رهنداسين، جن ملڪ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن انهن جو احترام ڪريون ٿا. شنوائي دوران عدالت ۾ دليل ڏيندي رضا رباني چيو ته صدارتي ريفرنس کانپوءِ آئيني ادارن تي حملا ڪيا ويا. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته سپريم ڪورٽ آئين جي بالادستي لاءِ بيٺي آهي، ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙن جو گهڻو احترام ڪيون ٿا. تاريخ ٻڌائي ٿي ته پ پ سدائين قربانيون ڏنيون آهن، قربانيون ڏئي به پ پ سدائين ادارن جو ساٿ ڏنو آهي. شنوائي دوران دليل ڏيندي رضا رباني چيو ته آئين لاءِ بيهڻ تي ئي ادارن خلاف مهم هلي، جمهوري ادارن تي بدنيتي تي ٻڌل تنقيد جا ٻن قسمن جا نتيجا نڪرندا آهن. تاريخ مان ثابت آهي ته بدنيتي تي ٻڌل تنقيد سان ملڪ فاشزم ڏانهن ويندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button