اسلام آباد :بجلي نه هجڻ سان نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) جي چيئرمين جي گھر واري به پريشان ٿي وئي. بجلي ڏيندڙ ڪمپنين جي لائسنس جي نواڻ تي ٿيل شنوائي ۾ نيپرا چيئرمين، اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن جي سي اي او کي چيو ته گھر واري چيو ته ڪالهه بجلي 8 ڀيرا وئي، توهان نيپرا چيئرمين آهيون، جيڪڏهن توهان جي هي حال آهي ته ٻي قوم جو ڇا ٿي رهيو هوندو. نيپرا چيئرمين چيو ته رات منهنجي هوندي به گھر جي بجلي 2 ڀيرا وئي، ماڻهو بل ٿا ڏين، انهن کي بجلي ڏيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close