اسلام آباد : سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جيترو توشا خانا مان ڪمايو، ايترو هن پوري زندگي ۾ ناهي ڪمايو. وزيراعظم جي ڪرسي کي ان ڪاروبار بڻائي ڇڏيو هو، هو ڪاروبار ڪندو رهيو. ڪالهه اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته منهنجو تحفو منهنجي مرضي نه ڇاڪاڻ ته هو پاڪستان جا تحفا هئا. ساڍن چئن سالن کان توشا خانا جي تحفن جي قيمت 142 ملين رپيا آهي، عمران خان جي 2 مهينن جي انڪم 85 ملين ۽ 4 سالن ۾ 142 ملين ٿي. هن چيو ته منهنجي مرضي نه هي وزيراعظم جي ڪرسي هئي، مني ٽريل ڏيکارڻي پوندي. رسيدون ته ڏيڻون پونديون، تحفن کي بازار ۾ وڪڻي نٿو سگھجي. تحريڪ انصاف جي حڪومت گذريل ڊسمبر ۾ 50 سيڪڙو جو قانون آندو، جڏهن ته عمران خان 20 سيڪڙو قيمتن تي ئي تحفا حاصل ڪيا. سندس موجب اڄ تائين اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ ن ڪو اعتراض ناهي لڳايو، ملڪي معيشت، پرڏيهي پاليسي ۽ ترقياتي منصوبن جي حالت خراب آهي، وزيراعظم شهباز شريف پنج ڏينهن ۾ ڪم شروع ڪيو. سڌ سماءِ واري وفاقي وزير جو چوڻ هو ته پي ٽي اي کي چيو ويو آهي ته روبوٽڪس ٽوئيٽس جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ادارن خلاف روبوٽڪس ٽوئيٽس جي ذريعي مهم هلائي پئي وڃي. فوري ايڪشن کنيو ويندو ۽ انهن ٽوئيٽس کي ختم ڪيو ويندو، سڃاڻپ شروع ڪري ڇڏي آهي، جن هنڌن تي روبوٽڪ مشينون نصب آهن، خبر پئجي وئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو آئيني بي اعتمادي سان چور، نالائق ۽ ڪوڙي وزيراعظم کي هٽايو ويو. کنڊ مٿان ناجائز خرچن جو استعمال ڪيو ويو، جنهن سان کنڊ مهانگي ٿي، اٽي جي اسمگلنگ ۽ کوٽ ٿيڻ کانپوءِ اٽو امپورٽ ڪيو ويو. مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته شهباز شريف ڪوٽ لکپت جيل ۾ هو ته ان کي نماز لاءِ ڪرسي نه ڏني ويندي هئي ۽ مانيٽرنگ شهزاد اڪبر ڪندو هو، اڄ ڪرسي تي اهو شخص آهي جيڪو وڏي دل جو مالڪ آهي. عمران خان کي فول پروف سيڪيورٽي لاءِ شهباز شريف حڪم جاري ڪيا، شهزاد اڪبر وٽ پرڏيهي شهريت آهي ۽ هو ڀڄي ويو آهي، شهزاد اڪبر کي واپس گھرائڻ جو طريقو اسان کي ايندو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن ثبوت نه هجن ها ته فرح فرار نه ٿئي ها، عمران خان جي مشاورتي شين جي حوالي سان خبر ناهي. انفارميشن ملي آهي ته ڪجهه فائل گم آهن، انهن جي تفصيل ورتا ويندا، تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا جي پريس گيلري ۾ جيمرز لڳايا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close