اسلام آبادپاڪستانسنڌ

ميهڙ واقعي تي حڪومت ردعمل ۾ دير ڪئي،نقصان جو ازالو ڪنداسين:مراد شاهه

اسلام آباد :سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراف ڪيو آهي ته ميهڙ واقعي تي حڪومت ردعمل ۾ دير ڪئي. ڪالهه اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته دادو ۾ باهه واقعي تي اسان جو ريسپانس ليٽ هو. سانحي تي 7 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. جن جا گهر سڙيا آهن، انهن کي گهر ٺاهي ڏينداسين، سڄي نقصان جو ازالو ڪنداسين. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بجلي بحران جي حل لاءِ ميٽنگز ٿيون آهن، 6 کان 7 هزار ميگا واٽ بجلي ان ڪري نه پئي ٺاهي وڃي ته پاور پلانٽن کي فيول ناهي مليو. سڄي سنڌ ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، هڪ پاور پلانٽ جيڪو ميرٽ آرڊر ۾ سڀ کان مٿي آهي ۽ سستي بجلي ڏيندو آهي، اهو پلانٽ سستي بجلي ڏيندو آهي، جنهن کان ڪي اليڪٽرڪ بجلي وٺندي آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت جون سڀ دعوائون غلط هيون، هاڻ تجربي ڪار ٽيم آئي آهي اها ڏسندي. حڪومت جو ڏيڍ سال رهجي ويو آهي، اهي ساڍن ٽن سالن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهيا، اسان کي ڏيڍ سال ۾ پنجن سالن جو ڪم ڪرڻو آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي حڪومت نااهلي ۽ نالائقي سبب وئي آهي. عمران خان مسلسل ناڪام ٿي رهيو آهي، هاڻ ان جو بيانيو نه هلندو، سئو سئو رپيا چندو گڏ ڪري رهيو آهي ۽ پاڻ چارٽر جهاز ۾ ٿو اچي. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي جو ڪم آئين جي پاسداري آهي، وٽس ٻه آپشن آهن، يا آئيني ذميواري پوري ڪري يا عهدو ڇڏي ڏئي. واضح رهي ته دادو جي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ فيض محمد چانڊيو ۾ ٽي ڏينهن اڳ باهه جي واقعي ۾ 9 ڄڻا سڙي فوت ٿيا هئا، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button