اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف کي ميهڙ واقعي جي شروعاتي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي. وزيراعظم جي هدايت تي متاثر ڳوٺ فيض محمد چانڊيو جي فوتين جي وارثن ۽ زخمين لاءِ وفاقي حڪومت طرفان هڪ ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن. وزيراعظم ضلعي انتظاميا کي متاثرن جي بحالي تائين هر ممڪن امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زخمين جي علاج ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت نه ڪئي وڃي. وزيراعظم شهباز شريف شروعاتي رپورٽ کانپوءِ باهه جو ڪارڻ ڄاڻڻ جي مڪمل جاچ جو حڪم به ڏنو آهي. شهباز شريف چيو آهي ته تفصيلي رپورٽ ۾ غفلت جو پتو لڳائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ٿيندي. ضلعي انتظاميا اهڙا قدم يقيني بڻائي ته اڳتي اهڙو سانحو نه ٿئي، متاثرن سان ڏک ۾ سڄي قوم برابر جي شريڪ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close