اسلام آباد:وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي بني گالا کان وزيراعظم هائوس تائين هيلي ڪاپٽر جي سفري خرچن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب 3 سالن ۾ 98 ڪروڙ 43 لک 55 هزار رپيا خرچ ٿيا. ايڪسپريس نيوز موجب حڪومت طرفان جاري ڪيل سفري دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان جي هيلي ڪاپٽر جي سواري تي 47 ڪروڙ رپيا جڏهن ته مرمت تي 51 ڪروڙ رپيا خرچ آيو. حڪومتي دستاويز موجب ساڍن ٽن سالن ۾ سفري خرچن تي ڪل 98 ڪروڙ 33 لک 55 هزار رپيا خرچ ٿيا، جن مان هڪ ڪروڙ 50 لک کان وڌيڪ خرچ ٿيا. ان حساب سان روزاني جي بنياد تي 8 لک رپين کان وڌيڪ رڳو هيليڪاپٽر جي سفر تي خرچ آيو. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته بني گالا کان وزيراعظم هائوس تائين جو سفر 15 ڪلوميٽر آهي. هڪ ڪلاڪ ۾ هيلي ڪاپٽر جي استعمال تي 2 لک 75 هزار رپيا خرچ اچي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close