پاڪستانسنڌ

جهول ۾ عورت فوت، قتل جو شڪ، مڙس گرفتار

جھول: جھول ٿاڻي جي حد ساڏوڻي واري علائقي ڳوٺ جان محمد بھڻ جي رھواسڻ ھڪ ٻار جي ما 24 ورھين جي گلناز سولنگي ڌي محمد عمر سولنگي زال رياض حسين سولنگي مڙس سان گڏجي رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺيون ڪندي اوچتو فوت ٿي وئي، جنھن جو لاش سول اسپتال سانگھڙ آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن عورت جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. اسپتال ۾ عورت جي مڙس رياض حسين سولنگي ٻڌايو ته زال گلناز ۽ آئون ڳوٺ ٻاهران زمين تان رڌ پچاءُ لاءِ ڪاٺيون ميڙي رھيا ھئا ته زال جي دانھن ٿي، جنھن تي ڊوڙي پھتس ته زال بيھوش زمين تي پيل ھئي، جنھن کي وارثن سان گڏ سول اسپتال آندو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. عورت جي ڀاءَ سڪيلڌو سولنگي صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ ڀيڻ جا پير ۽ ڄنگهون سڙيل آھن، ھٿن تي زخمن جا نشان آهن، شڪ آهي ته رياض حسين سولنگي ساٿين سان گڏجي ڀيڻ کي قتل ڪيو آهي، جنهن خلاف ڪيس داخل ڪرائينداسين. هوڏانهن پوليس وارثن جا بيان وٺڻ بعد عورت جي مڙس رياض حسين سولنگي کي گرفتار ڪري لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي موجب عورت جي ھٿن، پيرن ۽ ڄنگھين سميت جسم جي مختلف حصن تي تشدد جا نشان آهن. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جھول ٻڌايو ته وارثن جي شڪ تي عورت جي مڙس رياض حسين سولنگي کي گرفتار ڪري واردات واري ھنڌ جو معائنو ڪيو آهي. پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ ۽ وارثن جي چوڻ تي وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button