ڊگھڙي:بدين ضلعي جي ڳوٺ لونگ خان جروار جي رهواسڻ چوٿين ڪلاس جي شاگردياڻي سپنا ڌي عابد حسين جروار جي وارثن فتح خان جروار، عنايت علي جروار، سنگهار، حليمان جروار ۽ سندس معصوم ڀائرن محمد علي ۽ احمد علي جروار پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته لڳ ڀڳ ڏيڍ مهينو اڳ نوجوان امجد حسين جروار اسان جي 13 ورهين جي معصوم ڀائٽي سپنا کي اغوا ڪري فرار ٿي ويو، هاڻ امجد حسين جعلي نڪاح نامو تيار ڪرائي قانون کي گمراھه ڪري رهيو آهي، ڪمپلين سيل ايس ايس پي آفيس بدين ۽ سيشن ڪورٽ بدين ۾ شڪايت ڪئي آهي، اسان بدين عدالت ۾ پيشين تي حاضر ٿيندا رهيا آهيون، پر نوجوان امجد معصوم نياڻي سپنا جروار کي پيش ناهي ڪري سگهيو. هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته ڪٿي اسان جي نياڻي کي قتل ڪري لاش گم نه ڪيو ويو هجي. امجد جروار خاموش رهڻ لا ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. ٽنڊو غلام علي پوليس به مدد نٿي ڪري. هنن هائي ڪورٽ حيدرآباد، سيشن ڪورٽ بدين ۽ ايس ايس پي بدين کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل نوجوان خلاف ڪيس داخل ڪري نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close