پاڪستانسنڌ

سرهاڙي ۾ کڏهر پوليس خلاف احتجاج، موبائيل ڊرائيور تي نينگري مارڻ جو الزام

سرهاڙي: سرھاڙي ۾ نينگري جي وارثن غلام رسول ڪلهوڙو، حسن بانو، پيرل ڪلھوڙو، عبدالمالڪ ڪلھوڙو، اعجاز ڪلھوڙو ۽ ٻين صحافين اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان رات جي وقت ڳوٺ ڀرسان پنهنجي مائٽن وٽان واپس گهر پئي آياسين ته پوليس موبائيل تيز رفتاري ۾ اسان جي نينگري کي ٽڪر هنيو، پوليس موبائيل ڊرائيور گاڏي بيهارڻ ۽ نينگري کي اسپتال تائين کڻي وڃڻ بدران فرار ٿي ويو. کڏهر پوليس نينگري کي زخمي ڪري ظلم ڪيو آهي، نينگري روڊ تي تڙپندي رهي، جنهن بعد اسان فورن زخمي نينگري کي اسپتال کڻائي وياسين، جتي ڊاڪٽرن نينگري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، هاڻ کڏهر پوليس ڏوهه مڃڻ لا تيار ناهي، کڏهر ٿاڻي جي موبائيل انهي ٽائيم تي روز روڊ تي گشت ڪندي آهي، پر پوليس اسان غريبن جون خون لوڙهڻ ٿي چاهي. هنن ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي نوابشاهه کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي کڏهر پوليس جي موبائيل ڊرائيور خلاف ڪارروائي ڪري نينگري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي آئي جي دبينظيرآباد آفيس اڳيان احتجاج ڪري باهھ ڏئي ساڙينداسين. ياد رهي ته ھڪ ھفتو اڳ کڏھر ٿاڻي جي حد سڪرنڊ-سرهاڙي روڊ تي ڳوٺ شاھه آباد وٽ تيز رفتار پوليس موبائيل جي مبينا ٽڪر لڳڻ ڪري 16 ورهين جي عشا ڌي غلام رسول ڪلھوڙو فوت ٿي وئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button