پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ کي باهه، 20 گهر سامان سميت رک ٿي ويا

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ جي علائقي هيراآباد ويجهو ڳوٺ سالڪ بجير ۾ آدم حجام پاڙي ۾ باهه لڳي وئي، جنهن سبب 20 کان وڌيڪ ڪچا گهر سڙي رک ٿي ويا. باهه لڳڻ دوران گهرن ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارن ۾ رڙيون پئجي ويون، وقت سر ضابطو نه اچڻ تي باهه سڄي ڳوٺ کي وڪوڙي ڇڏيو، جنهن سبب ڪچا چوئنرا رک ۾ تبديل ٿيندا ويا، جنهن سبب پنج ڀائرن اڪبر حجام، عبدالله حجام ۽ طيب حجام سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهن جا ڪچا گهر سڙي ويا، گهرن ۾ پيل سونا زيور، اناج، ڪاغذ، کٽون، بسترا ۽ ٻيو سامان سڙي ويو. اطلاع ڏيڻ باوجود فائربرگيڊ عملو دير سان پهتو، فائربرگيڊ گاڏي فور ويل نه هئڻ ڪري ڪچي ۾ ڦاسي پئي، ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، عمرڪوٽ ٽائون کي لڳندڙ 44 ديهون ٿر جون هئڻ باوجود ٽائون عملي يا ضلعي ڪائونسل ۾ فور ويل گاڏي موجود نه هئڻ ڪري وقتن به وقتن ٿر جي ڳوٺن ۾ باهه لڳڻ سبب لکين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي. هوڏانهن گهر سڙڻ بعد متاثر ماڻهو عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، جن جي ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا ڪاموري مدد نه ڪئي. هنن سنڌ سرڪار ۽ ڊي سي عمرڪوٽ کان گهر ڪئي ته اسان کي گهر ٺهرائي ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button