اسلام آبادپاڪستان

لازمي عزت ڪرڻ وارا به سواليا نشان بڻجندا پيا وڃن:شيخ رشيد

اسلام آباد :عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته ملڪ لاءِ جن جي عزت ڪرڻ لازمي آهي، اهي به سواليا نشان بڻجندا پيا وڃن. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته ملڪ جون حالتون ڳنڀير، پريشان ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳيون ٿينديون پيون وڃن، جن کي جيلن ۾ هجڻ گهرجي، انهن کي اهم عهدن تي مقرر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ لاءِ جن جي عزت ڪرڻ لازمي آهي، اهي به سواليا نشان بڻجندا پيا وڃن، سامراج جي ايجنٽن پنهنجي مفاد لاءِ گندي نالي جي سِرن کي تاج محل ۾ سينگاري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته قوم ياد رکي، عمران خان جي اسلام آباد لاءِ ڪال دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندي. اهڙو آواز ٿيندو جو پاڪستان جي سڀ کان گهٽ مدي واري هيءَ حڪومت هوندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button