اسلام آباد:ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال 2 هزار 900 ميگاواٽ رهجي ويو آهي. ميڊيا رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن پاور ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته ٻارڻ جي سپلاءِ شروع ٿي وئي آهي، بجلي گهرن جا ٽيڪنيڪي مسئلا حل ڪيا ويا آهن جنهن سبب شارٽ فال ۾ گهٽتائي ٿي آهي ۽ شارٽ فال گهٽجي 3 هزار 900 ميگاواٽ رهجي ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي جو شارٽ فال وڌيڪ گهٽ ٿي 2 هزار 900 ميگاواٽ رهجي ويو آهي. پاور ڊويزن جي ذريعن مطابق بجلي جي ڪل طلب 20 هزار 500 ميگاواٽ ۽ پيداوار 17 هزار 600 ميگاواٽ آهي. پن بجلي ذريعن سان هڪ هزار هڪ سئو ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي رهي آهي. سرڪاري ٿرمل پاور پلانٽس 2 هزار 500 ميگاواٽ بجلي ٺاهي رهيا آهن. خانگي شعبي جي بجلي گهرن جي پيداوار 14 هزار ميگاواٽ آهي. ٻئي پاسي گرمي ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ عوام بدترين لوڊشيڊنگ کي منهن ڏئي رهيو آهي. زندگي جا ڪم ڪار متاثر ٿيڻ سبب عوام سخت پريشان آهي. پاور ڊويزن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 5 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، آئي سيڪو ريجن ۾ ڊمانڊ 1326 ميگاواٽ جڏهن ته سپلاءِ 1216 ميگاواٽ آهي. آئي سيڪو ريجن ۾ 110 ميگاواٽ جو شارٽ فال آهي ۽ اتي چئن ڪلاڪن جي لوڊ مئنجمينٽ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ڪورنگي، لانڍي، سرجاني، ملير، بلديات، اورنگي، لياقت آباد سميت مختلف علائقا بجلي جي لوڊشيڊنگ سان متاثر ٿيا جتي 3 کان 12 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close