اسلام آبادپاڪستانپنجاب

عثمان بزدار جي استيعفا ناهي ملي:گورنر پنجاب جي رپورٽ صدر حوالي

اسلام آباد :پنجاب جي گورنر عمر سرفراز چيما پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ جي حوالي سان چيو آهي ته ووٽنگ جو رڪارڊ ٽيمپرڊ آهي. ذريعن موجب پنجاب جي گورنر عمر چيما جي وڏي وزير جي چونڊ جي حوالي سان خدشن تي ٻڌل رپورٽ صدر عارف علوي کي ملي وئي. گورنر صدر کي 6 صفحن تي ٻڌل رپورٽ اماڻي آهي، جنهن ۾ هن پنجاب اسيمبلي جي ايوان ۾ وڏي وزير جي چونڊ جي آئيني ڀڃڪڙين جي نشاندهي ڪئي آهي. گورنر جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ آئين ۽ قانون مطابق ناهي ٿي، چونڊ جي ووٽنگ جو رڪارڊ ٽيمپرڊ آهي. پوليس کي رولز خلاف ايوان ۾ داخل ڪيو ويو. اسيمبلي ميمبرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪيو ويو. ووٽنگ آئين جي سيڪنڊ شيڊول جي خلاف طريقيڪار اختيار ڪري ڪرائي وئي. ووٽنگ ۾ سيڪنڊ شيڊول کي نظرانداز ڪيو ويو، رولز 21 رولز آف بزنس مطابق اسپيڪر کي نتيجن کان آگاهه ڪرڻ هوندو آهي. گورنر جو وڏي وزير جي چونڊ عمل سان مطمئن ٿيڻ ضروري هوندو آهي. رپورٽ جي متن ۾ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي استيعفا به تڪراري آهي، ان ۾ به آئين جي آرٽيڪل 130 سب سيڪشن 8 جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. گورنر آفيس کي پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار جي استيعفا ڪڏهن ناهي ملي، گورنر کي جڏهن استيعفا ملي ئي نه آهي ته ان کي منظور ڪيئن ڪري سگهجي ٿو. رپورٽ ۾ پنجاب جي گورنر سفارشون پيش ڪندي درخواست ڪئي ته وڏي وزير جي اليڪشن ڪالعدم قرار ڏني وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button