اسلام آبادپاڪستان

پيپلزپارٽي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي اميدوارن کان درخواستون گهري ورتيون

اسلام آباد : پاڪستان پيپلزپارٽي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي اميدوارن کان درخواستون گهري ورتيون آهن. پنهنجي بيان ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته جنوري ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ اميدوارن کان درخواستون گهريون پيون وڃن. هن چيو ته سي اي سي ۾ فيصلو ٿيو هو ته بروقت اميدوارن جي چونڊ ڪري کين چونڊ مهم شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته پارٽي ٽڪيٽ جا خواهشمند پنهنجون درخواستون 30 اپريل تائين پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر جي نالي اماڻين. هن چيو ته درخواستون بلاول هائوس ڪراچي، يا اسلام آباد سينٽرل سيڪريٽريٽ هائوس نمبر هڪ اسٽريٽ 85 جي 6/4 اولڊ ايمبيسي روڊ اسلام آباد اماڻين. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ايم اين اي لاءِ 40 هزار رپيا ۽ ايم پي اي لاءِ 30 هزار رپين جو ڊرافٽ درخواست سان جمع ڪرايو وڃي. هن چيو ته 30 اپريل کان پوءِ لاڳاپيل ڪميٽي ان حوالي سان فيصلو ڪندي ۽ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ هولڊرز جا نالا فائنل ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button