پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ نوجوان ساحل جي خون سان انصاف لا ريلي

ميهڙ: ميهڙ ۾ اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان ساحل گهانگهرو جي خون سان انصاف لا وارثن، سياسي سماجي ۽ سول سوسائٽي جي تنظيمن جي ڪارڪنن ميهڙ بائي پاس کان گهنٽا گهر چوڪ تائين ريلي ڪڍي، ريلي ۾ شامل ماڻهن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي نعريبازي ڪئي. اڳواڻن اطهر گهانگهرو، ايڊووڪيٽ روشن گهانگهرو، وڪيل سعيد پنهور، وڪيل منور جتوئي، جان محمد جهنڊير ۽ ٻين چيو ته ساحل کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي بعد بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پر پوليس سندس قتل ۾ ملوث جوابدار ته گرفتار ڪيا، پر قاتلن جا سهولتڪار گرفتار نه پيا ٿين، پوليس صحيح جاچ نه پئي ڪري. هنن گهر ڪئي ته نوجوان ساحل جي قتل جي گهڻ رخي جاچ ڪري سهولتڪارن کي به گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button