پاڪستانسنڌ

ڪي اين شاهه ۾ شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف ريلي

خيرپور ناٿن شاھه: خيرپور ناٿن شاهه ۾ هارين، آبادگارن ۽ شهري ايڪشن ڪميٽي جي ڪارڪنن رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ نارا ڊسٽري ڪئنال سميت مختلف شاخن جي کاٽي نه ٿيڻ خلاف هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي بائي پاس کان سٽي پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ڌرڻي ۾ شهر جي سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ جي يو آئي اڳواڻ حافظ حاجن لغاري، امجد گاڏهي، محمد نواز چانڊيو، گلزار چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته مسلسل 6 سالن کان رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ نارا ڊسٽري ڪئنال جي مختلف واهن ۽ شاخن خدا واهه شاخ، ڪڍڻ شاخ، ڪلورو شاخ ۽ پيڄاهو شاخ سميت ٻين ڪيترن شاخن جي کاٽي نه ٿي آهي، جنهن جي ڪري هاري ۽ آبادگار سخت پريشان آهن آبپاشي کاتي جو مڪمل عملو ڪرپٽ آهي، جيڪو کاٽي جا آيل پئسا هڙپ ڪري وڃي ٿو. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته عملي خلاف ڪارروائي ڪري شاخن جي کاٽي ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button