پاڪستانسنڌ

پيارو لنڊ ۾ پوليس جو ڇاپو، 19 هاري بازياب

عثمان شاهھ ھڙي: عثمان شاهه هڙي ۾ عدالت ۾ هيرو ڪولهي درخواست داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو ته زميندار اسان کي کائڻ لا ڪجھه به نٿو ڏي. جنهن بعد عدالتي حڪم تي پيارو لنڊ پوليس پيارو لنڊ لڳ زميندار درجان لاشاري جي زمين تي ڇاپو هڻي 19 هارين کي بازياب ڪرائي ورتو، جن ۾ لڇمي زال هيرو، رميش پٽ هيرو، سيتا زال رميش، ويرجي پٽ هيرو، ڏيون پٽ هيرو، پوجا ڌي هيرو، هرجي پٽ ماوجي، آنند زال هرجي، هريان ڌي هرجي، پهلاج پٽ هرجي، هيرو پٽ هرجي، ماوجي پٽ والو، شگهن پٽ کلو، ڪنور زال شگهن، بلال پٽ شگهن، نندلال شگهن، راڌا ڌي شگهن، پتو پٽ شگهن ۽ آجي پٽ شگهن شامل آهن. بازياب ٿيل هارين صحافين کي ٻڌايو ته زميندار اسان کي خرچ نه ڏيندو هو. ٻئي پاسي زميندار درجان لاشاري ٻڌايو ته هارين کي ڏيڊ مهينو ٿيو آهي، هاري منهنجا قرضي آهن، هڪ هاري تي 30-30 هزار قرض آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button