پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۽ ٿرڙي محبت ۾ باهه لڳڻ جا واقعا، 40 گهر رک

ميهڙ/ ٿرڙي محبت: ميهڙ ۽ ٿرڙي محبت ۾ باهه لڳڻ جي ٻن ڌار ڌار واقعن ۾ 40 کان وڌيڪ گهر سڙي ويا. رپورٽ موجب ميهڙ ڀرسان ڳوٺ نورپور ۾ بجلي تارن مان چڻنگ اٿڻ ڪري 40 کان وڌيڪ ڪکاوان گھرن کي باھه لڳي وئي، باهه سبب گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ بسترا، نياڻين جو ڏاج ۽ ٻيو سمورو الهھ تلهھ سڙي رک ٿي ويو، اطلاع ڏيڻ باوجود فائر برگيڊ عملو واقعي واري هنڌ نه پهتو، ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر باهه وسائي نه سگهيا. باهھ وسائڻ جي ڪوشش دوران ھڪ ڄڻو احمد بخش قمبراڻي سڙي زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن فوري طور تعلقي اسپتال ميھڙ آندو، جتان کيس لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو. باهه متاثرن احمد قمبراڻي، مدد قمبراڻي، نياز قمبراڻي، عبد قمبراڻي، عزيز کوسو، فوجي کوسو ۽ ٻيا گهر سڙڻ بعد عورتن ۽ ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويهي رهيا، باهه سبب 10 کان وڌيڪ ڍور به سڙي زخمي ٿي پيا. هوڏانهن متاثر ماڻهن انتظاميا خلاف احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي وقت سر نه پهتي. تعلقي توڙي ضلعي انتظاميا جو ڪو آفيسر واهر ڪرڻ نه آيو آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن گهر ڪئي ته اسان جي مدد ڪئي وڃي. ٻئي طرف ٿرڙي محبت ۾ پوليس اهلڪار شاهد علي جوڻيجو جي گهر کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب نياڻي جي ڏاج سميت سمورو سامان رک ٿي ويو. هوڏانهن ڳوٺ نور پوري ۾ ٿرڙي محبت جي وٽرنري انچارچ ڊاڪٽر نويد سومرو ۽ ميهڙ جي وٽرنري آفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار ڳورڙ پهچي سڙي زخمي ٿيل چوپائي مال جو علاج ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button