اسلام آبادپاڪستان

فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪرڻ جو حڪم معطل

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪرڻ وارو سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ جسٽس محسن اختر ڪياني طرفان فارن فنڊنگ ڪيس جو فيصلو 30 ڏينهن ۾ ڪرڻ جي حڪم خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪرائي هئي. پي ٽي آءِ جي پابندي پيل فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ڪنڊڪٽ مبينا ڌر هجڻ خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ شنوائي ڪئي. پي ٽي آءِ جي وڪيل شاهه خاور ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته اسڪروٽني ڪميٽي جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي پيش ٿي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته جڏهن ڇنڊ ڇاڻ ڪميٽي چئي ڇڏيو ته دستاويز تصديق جوڳا ناهن ته هاڻي ڇا ڪارروائي هلي رهي آهي؟ جسٽس اطهر من الله پي ٽي آءِ جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي منع ٿيل پرڏيهي فنڊن ڪيس جو 30 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ وارو سنگل بينچ جو حڪم معطل ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button