پاڪستانسنڌ

گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجي قومي عوامي تحريڪ دادو جي اڳواڻ يعقوب پھنور جي گرفتاري ۽ نواب شاھه ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ ڇاپن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ پيئڻ جو پاڻي سميت فصلن لا پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نه ڏنو ويو ته زراعت کي ڪاپاري نقصان ٿيندو.

سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ملڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول، بدين جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ سنڌو درياھه ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري درياھه جي ٻنھي پاسن تي ويٺل لکين آبادي برباد ٿي وئي آھي، خوشحال ماڻھو بدحال ٿي ويا آھن، مڇي سميت ٻي آبي جيوت ختم ٿي وئي آھي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو، اھو حڪمران پنھنجي زمينن لاءِ زبردستي کڻي وڃن ٿا. جنھن ڪري ننڍا ۽ پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڍڪ لاءِ پريشان آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button