پاڪستانسنڌ

ٽنڊوڄام ويجهو پوليس اٽالن جي گهرن تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو ڌرڻو

ٽنڊوڄام: ٽنڊوڄام ويجهو ڳوٺ پليو کوسو ۾ رات دير سان پوليس اٽالن جي گهرن تي چڙهائي خلاف عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت ڳوٺاڻن نٽهڻ اُس ۾ گهانگهرا موري وٽ احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڪامريڊ امداد کوسو، توفيق کوسو، اشرف کوسو، نورجهان کوسو ۽ ٻين چيو ته هڪ سياسي بااثر وزير جي پي اي جي چرچ تي چار موبائلن ۾ 15 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن رات جي اونداهي ۾ چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري گهرن تي چڙهائي ڪري اسان جي ٻارن ۽ عورتن تي تشدد ڪيو.

پوليس اهلڪارن بنا جواز ڳوٺاڻن کي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڳوٺاڻن مزاحمت ڪري انهن کي ڇڏائي ورتو، ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي وڌيڪ چيو ته اسان جي نياڻي نصرت کوسو کي قاسم آباد ۾ بيگناھه قتل ڪيو ويو جنهن جي اسان ايف آئي آر ڪٽرائي ته هڪ بااثر صوبائي وزير جو پي اي سڏرائيندڙ اعجاز کوسو مڇرجي پيو آهي ۽ هن جي چوڻ تي هوسڙي پوليس اسان جي ڪجھه ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته گهرن تي بناجواز چڙهائي ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button