پاڪستانپنجاب

مريم نواز جي درخواست تي شنوائي کان معذرت، 2 بئنچون ٽٽي ويون

لاهور: لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻئي جج مريم نواز جي پاسپورٽ جي واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي. مريم نواز عمري جي ادائيگي لاءِ پاسپورٽ واپسي جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي آهي، جنهن تي عدالت گذريل ڏينهن شنوائي به ڪئي ۽ اي سي ايل رولز طلب ڪيا. اڱاري جي ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جي ميمبر جسٽس فاروق حيدر درخواست تي شنوائي کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ليگي اڳواڻ جي درخواست نئين بينچ جي روبرو لڳائڻ لاءِ چيف جسٽس کي اماڻي وئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اسجد جاويد گھرال کي بينچ ۾ شامل ڪيو ۽ ان سان گڏ جسٽس باقر نجفي بينچ جو حصو هو پر درخواست تي جڏهن شنوائي شروع ٿي ته جسٽس باقر نجفي ٻڌايو ته جسٽس اسجد جاويد گھرال درخواست تي شنوائي کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن بينچ کي ٽوڙيو وڃي ٿو. جسٽس اسجد پاران معذرت کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي جو معاملي چيف جسٽس کي اماڻيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button