پاڪستانخيبرپختونخوا

قوم کي ٻارن جي مستقبل لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو: عمران خان

پشاور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته آزادي جي تحريڪ فيصلي واري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. هاڻ سموري قوم کي پنهنجن ٻارن جي مستقبل ۽ ملڪ جي آزادي لاءِ گهرن مان ٻاهر نڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي وزيراعظم عمران خان وزيراعليٰ هائوس پشاور ۾ اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن کي خطاب ڪندي ڪيو. عمران خان چيو ته اسان کي آزادي تحريڪ جو پيغام کڻي گهٽي، گهٽي، ڳوٺ ڳوٺ وڃڻو آهي. سموري قوم کي تيار ڪرڻو آهي ڇو ته هي تاريخ جو فيصلو ڪندڙ مرحلو آهي. اسان مٿان ٻاهرين سازش ذريعي امپورٽڊ حڪومت مڙهي وئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 60 سيڪڙو حڪومتي ڪابينا ضمانت تي آهي، عوام مٿان ڌاڙيلن کي مڙهيو ويو آهي. آصف زرداري، نواز شريف، شهباز شريف سڀني جون آف شور ڪمپنيون آهن. چور حڪمران موڪلون ملهائڻ، ڪاروبار ڪرڻ ۽ علاج جي لاءِ ٻاهر ويندا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button