اسلام آبادپاڪستان

اليڪشن مقرر وقت تي ٿيندي،جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو:گهرو وزير

اسلام آباد: گهرو وزير راڻا ثناءُالله شيخ رشيد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اليڪشن پنهنجي مقرر وقت تي ٿيندي، باقي جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو. اسان سيڪيورٽي ڏينداسين. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته شيطان رمضان ۾ ڪوڙ سان پڌرو ٿي ويو آهي. جيڪو چوندو هو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام آهي، اهو ان جي ڪاميابي کان پوءِ هاڻي نئين ڳالهه ڪرڻ اچي ويو آهي. گهرو وزير چيو ته هي اهو ئي ڪوڙو شخص آهي جيڪو چوندو هو ته هاڻي سياست نه ڪندس. جيڪڏهن 8 سالن کان پوءِ عمران نيازي اليڪشن ڪميشن وڃي ئي رهيو آهي ته غيرقانوني فارن فنڊنگ، مني لانڊرنگ چندي جي پئسن جي ڦرلٽ جو جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جيڪو قانون هٿ ۾ وٺندو قانون ان کي هٿ ۾ وٺندو. هن چيو ته عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ۾ به ڪو اين آر او ناهي ڏنو ويو ۽ ڪرپشن ۾ به اين آر او نه ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button