اسلام آبادپاڪستان

آچر کان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف عوام لاءِ عيد جو تحفو ڏيندي پهرين مئي کان ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اڱاري تي وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ملڪ ۾ بجلي جي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي اعليٰ سطحي هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان بند پيل 27 بجلي گهرن مان 20 کي بحال ڪيو ويو. 20 بجلي گهر ٻيهر هلڻ سان بجلي جي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل حڪومت چئن سالن ۾ بجلي گهرن لاءِ ٻارڻ نه خريد ڪيو. موجوده حڪومت رڳو ٻن هفتن ۾ نه صرف ٻارڻ جو انتظام ڪيو پر انهن بجلي گهرن مان بجلي جي پيداوار وڌائي لوڊشيڊنگ جو ازالو به ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جي ڪل پيداوار اٽڪل 18500 ميگاواٽ آهي، طلب جي لحاظ کان بجلي جو شارٽ فال 500 کان 2000 ميگاواٽ آهي. ٻڌايو ويو ته وزيراعظم شهبازشريف کي حڪومت سنڀاليندي ئي بريفنگ ڏني وئي هئي ته 27 بجلي گهر ٻارڻ نه هجڻ جي ڪري يا ٻين ٽيڪنيڪي خرابين جي ڪري بند پيا آهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته لوڊشيڊنگ جو وڏو سبب گذريل حڪومت جو بجلي گهر هلائڻ لاءِ ٻارڻ جي بروقت فراهمي جو منصوبو نه هجڻ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لوڊشيڊنگ جي ٻين سببن ۾ ٻارڻ فراهمي ۾ مسئلا، بجلي گهرن جي بروقت مرمت ۽ سارسنڀال ۾ مجرماڻي غفلت آهي. وزيراعظم عهدو سنڀاليندي ئي بنا دير انهن بجلي گهرن کي هلائڻ جون هدايتون ڏنيون هيون. ان کان سواءِ وزيراعظم کي تقسيم ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ويندڙ فيڊرز جي حوالي سان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم 30 اپريل تائين سمورا مسئلا حل ڪري پهرين مئي کان بجلي جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button