اسلام آبادپاڪستانسنڌ

وزيراعظم جو مراد شاهه سان رابطو،وين ڌماڪي بابت ڄاڻ ورتي

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان رابطو ڪيو، جنهن ۾ وزيراعظم ٽيليفون تي سنڌ جي وڏي وزير کان وين ڌماڪي بابت آگاهي حاصل ڪئي. وزيراعظم شهبازشريف ٻن عورتن سميت چيني رهواسين ۽ ڊرائيور جي مارجڻ تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته دهشتگردي کي پاڙان پٽي اڇلائڻ ۾ هر طرح سان اوهان جي مدد ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن. اتحاد ۽ گڏيل ڪوششن سان انهن کي چٿينداسين. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڌماڪي بابت شروعاتي تفصيل کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button