اسلام آبادپاڪستان

جسٽس فائز وڪيل انرولمينٽ ڪميٽي جي سربراهي تان فارغ

اسلام آباد : اڳوڻي قانون واري وزير فروغ نسيم وڪالت جو لائسنس بحال ڪرڻ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڪيل انرولمينٽ ڪميٽي جي سربراهي تان هٿ کڻي ويو. خبر موجب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي دستبردار ٿيڻ سان پاڪستان بار ڪائونسل کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو. ٻئي پاسي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران ان جي سيڪريٽري پاڪستان بار ڪائونسل کي خط اماڻيو آهي. فروغ نسيم لائسنس بحالي لاءِ پاڪستان بار ڪائونسل ۾ درخواست ڏئي ڇڏي آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فروغ نسيم جي لائسنس بحالي جي درخواست کان پوءِ دستبردار ٿيو. فروغ نسيم لائسنس بحالي ۾ دير تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي ڌر جو الزام مڙهيو هو. قاضي فائز عيسيٰ پاران پاڪستان بار ڪائونسل کي لکيل خط ۾ چيو ويو ته فروغ نسيم جي لائسنس جي بحالي جي درخواست جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سامهون رکي ئي ناهي وئي. خط ۾ چيو ويو ته انرولمينٽ ڪميٽي جي ڪنهن ميمبر جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي ڪائي سفارش ناهي ڪئي. فروغ نسيم جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي چيئرمين طور وڪيل انرولمينٽ ڪميٽي ڌر جو الزام لڳايو. خط مطابق فروغ نسيم الزام مڙهيو ته 8 اپريل تي لائسنس بحالي جي درخواست ڏني. جڏهن ته بدنيتي سبب منظور نه ڪئي وئي. خط ۾ چيو ويو ته فروغ نسيم جسٽس قاضي فائز عيسي ريفرنس ڪيس ۾ هار مڃڻ کان انڪاري آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button