اسلام آبادپاڪستان

عمران خان اليڪشن ڪميشن تي حملو نه فارن فنڊنگ جو جواب ڏيو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد:سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان اليڪشن ڪميشن تي حملو نه پر فارن فنڊنگ ڪيس ۾ جواب ڏيو. فارن فنڊنگ جي ذريعي مني لانڊرنگ ڪندي جيڪي ڊالر آيا اهي ڪيڏانهن ويا حساب ته ڏيڻو پوندو. وزيراعظم ذاتي خرچ تي سعودي دوري تي وڃي رهيو آهي. اليڪشن ڪمشنر ڇو استيعفا ڏي، اليڪشن ڪميشن کي ئي اليڪشن ڪرائڻي آهي ۽ چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون. آئي ايم ايف جي شرطن تي صحيح اوهان جي ناڻي وارو وزير ڪري آيو هو، اوهان جو ڪيل گند صاف ڪرڻ لاءِ مفتاح اسماعيل آئي ايم ايف وٽ ويو. مهانگائي 16 سيڪڙو پهچائڻ ۽ ملڪ کي قرض ڪندڙ چئي رهيا آهن ٻن هفتن ۾ مهانگائي ۽ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي. 27 بجلي گهر بند هئا بجلي گهرن جي مرمت نه ڪئي وئي، ٻارڻ خريد نه ڪيو ويو جنهن جي ڪري بجلي گهر بند آهن. 7 مئي تي ٻارڻ جو انتظام ٿي ويندو، ڊيزل ذخيرو ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. عمران خان سمورا دورا سرڪاري خرچ تي ڪيا، سعودي عرب جو دورو شهبازشريف جي خرچ تي ٿيندو. فرح گوگي جي اثاثن ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي، ان جو تفصيل ميڊيا کي ڏينداسين. اڱاري تي پي آئي ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته ڪراچي ۾ ڪنفيوشس سينٽر کان ٻاهر ڌماڪي ۾ 3 چائنيز مارجي ويا آهن، جنهن جي مذمت ڪريان ٿي. هن چيو ته هن واقعي جا سبب سامهون آندا ويندا. ملڪ ۾ امن ٻيهر بحال ڪيو ويندو، امن امانجي صورتحال کي ڏسي رهيا آهيون وزيراعظم جي ترجيح ۾ آهي. وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏجي اهڙن واقعن جو تدارڪ ڪيو ويندو. مريم اونگزيب چيو ته فارن فنڊنگ ڪيس جو اوهان کي جواب ڏيڻو آهي، 16 کان وڌيڪ اڪائونٽس جو اوهان کي جواب ڏيڻو آهي. اوهان اليڪشن ڪميشن تي حملا نه ڪريو جواب ڏيو. اليڪشن ڪميشن جي آفيس جي ٻاهران احتجاج جي حوالي سان هن چيو ته ڪٿي 50 ماڻهن ڪٿي 100 ماڻهن حملا ڪيا، انهن پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملا ڪيا. اسان کي اميد هئي ته هي فارن فنڊنگ جو جواب ڏيندا. هن چيو ته 70 لک ڊالر باقي ملازمن جي اڪائونٽس ۾ گهرايا ويا ،شوڪت خانم جو عطيو پي ٽي آئي کي منتقل ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته صحافين تي اڳوڻي سڌسماءَ واري وزير الزام مڙهيا، جنهن جي مذمت ڪريان ٿي. ڪوئي صحافي سرڪاري خرچ تي دوري تي وزيراعظم سان نه پيو وڃي، هي سعودي وزٽ ذاتي خرچ تي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button