اسلام آبادپاڪستان

عمران پيٽرول تي سبسڊي آ ايم ايف جي پئسن تي ڏني:مفتاح اسماعيل

اسلام آباد : ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل مهانگائي، لوڊشيڊنگ ۽ آئي ايم ايف سان سخت معاهدن جو ذميوار عمران خان کي ڪوٺيندي چيو ته عمران خان ۽ ان جي ٽيم قوم ۽ آئي ايم ايف ٻنهي سان ڪوڙ ڳالهايو، دوکو ڏنو. پنهنجي بيان ۾هن چيو ته ويندي ويندي معيشت لاءِ بارودي سرنگهه وڇائي ويا ته جيئن پاڪستان جو ڏيوالو نڪري وڃي. الله تعاليٰ جي ڪرم سان سازش ناڪام ٿي وئي. اوهان ستن مهينن ۾ فيصلو نه ڪري سگهيا اسان 6 ڏينهن ۾ ڪيو. اوهان ملڪ کي هن تباهي تائين پهچايو، اوهان جي مشورن جي ضرورت نه آهي جن کي اقتدار جي دور ۾ غريب ۽ مهانگائي نظر نه آئي. ٻن هفتن ۾ غريب ۽ مهانگائي ٻئي نظر اچڻ لڳا. هن چيو ته مهانگائي، لوڊشيدنگ ۽ معاشي تباهي عمران خان ۽ ان جي ٽيم آندي، اسان ان کي ختم ڪري سک سان ويهنداسين. هن چيو ته آئي ايم ايف اسان کان گهر ڪئي آهي ته عمران خان ۽ شوڪت ترين جيڪي لکت معاهدا ڪيا، اهي پورا ڪريو. اسان آئي ايم ايف کي چيو ته اسان ايترا ٽيڪس هڪ ئي وقت عوام تي نٿا هڻي سگهون. هن چيو ته چئن سالن ۾ عمران خان ۽ ان جا ارسطو جيڪو معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ويا اهو اسان نه ڪنداسين اسان نه قوم سان ڪوڙ ڳالهائينداسين ۽ نه ئي آئي ايم ايف کي دوکوڏينداسين. هن چيو ته آئي ايم ايف چيو ته عمران خان لکي معاهدا ڪيا ته 30 رپيا پيٽرول ڊيزل جي قيمت وڌائي ڇڏيندسين. بجلي جي هر مهيني قيمت وڌائڻ، 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻ جو واعدو پي ٽي آئي ڪيو هو. هن چيو ته آئي ايم ايف چيو ته اسان جي پئسن تي سبسڊي ڏيندا ته اسان پنهنجا پئسا واپس ته گهرنداسين. هي عمران خان جا پئسا نه آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button