پاڪستانسنڌ

پيرولاشاري ۾ آبپاشي عملدارن خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج، باهيون

پيرولاشاري: پيرولاشاري ۾ ڳوٺ حاجي نيڪ محمد عمراڻي جي رهواسين آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف سردار عبدلواحد عمراڻي، خليفو حسين بخش عمراڻي، مٺن عمراڻي، محمد جمن عمراڻي، الهبچايو عمراڻي، حبدار عمراڻي، حاڪم عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسان جي گوٺ جي ڀرسان وهندڙ واٽر ڪورس جو نالو 1 ٽي آهي، جيڪو هن وقت وهندڙ آهي پر بااثر زميندارن جي چوڻ تي آبپاشي عملدارن وڏي رشوت وٺي اسان جي گهرن جي اندران ٻيو واٽر ڪڍرائڻ چاهين ٿا، جنهن جي ڪري عملدار اسان جي سڄي ڳوٺ کي لڏائڻ چاهين ٿا، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو فورن نوٽيس وٺي، اصل واٽر جي ماپ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button