پاڪستانسنڌ

هالا ۾ انچارج ڪمشنر حيدرآباد جو دورو، دڪاندارن تي 50-50 هزار ڏنڊ

ھالا: انچارج ڪمشنر حيدرآباد فرخ شهزاد قريشي پاران ڪالهه بغير پروٽوڪول جي هالا جي خريداري مرڪزن جو دورو ڪيو ويو، دڪاندارن کان کائڻ ۽ پيئڻ جي شين جا اگھه معلوم ڪرڻ سان گڏوگڏ خريداري ڪندڙ عام شهرين کان خريد ڪيل سامان جي رقم معلوم ڪئي، جڏهن ته چئن دڪاندارن پاران سرڪاري ريٽ لسٽ کان وڌيڪ رقم وصول ڪرڻ تي 50-50 هزار روپين جا ڏنڊ هنيا ويا. ڪمشنر حيدرآباد، هالا جي بازار ۾ پهچڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر هالا ڊاڪٽر مظاهر علي ٻرڙو ۽ هالا پوليس جا آفيسر فوري طور مارڪيٽ ۾ پهچي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button