پاڪستانسنڌ

نيوسعيدآباد ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب گھر کي باھه، الهه تلهه رک

نيوسعيدآباد: نيوسعيدآباد شھر ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ھڪ گھر کي باھه لڳي وئي، سمورو الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو. متاثر کلي آسمان ھيٺ ويٺل آهن. خبر موجب نيوسعيدآباد شھر جي وارڊ نمبر 02 ۾ ھڪ پورھيت دين محمد سولنگي جي گهر کي بجلي جي تار ٽٽي پوڻ سبب باھه وڪوڙي وئي، جنھن پوري گھر کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.

نتيجي ۾ گھر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، هوڏانهن ٽائون ڪميٽي نيوسعيدآباد جي فائربرگيڊ گاڏي پھجي باھه وسائي ٻين گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. متاثر گھرڀاتي سخت گرمي ۾ کلي آسمان ھيٺ ويٺل آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button