پاڪستانسنڌ

جي ڊي اي وفد جون جلال محمود شاھه ۽ اياز لطيف پليجو سان ملاقاتون

ڄامشورو/أحيدرآباد: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين سيد جلال محمود شاھه سان ڪالهه جي ڊي اي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي وفد جي صورت ۾ جي ايم سيد ايڊيفس ڄامشورو پھچي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سينيئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، نائب صدر امير آزاد پنهور، جنرل سيڪريٽري امير علي ٿيٻو ۽ جي ڊي ڊي اڳواڻن سردار عبدالرحيم، سنڌ اسيمبليءَ ۾ پارلياماني ليڊر حسنين مرزا پڻ موجود ھو. مالقات بعد سيد جلال محمود شاهه ۽ صفدر عباسي گڏيل پريس بريفنگ ڏيندي چيو ته موجودہ صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشن پاران تڪڙ ۾ بلدياتي اليڪشن جي اعلان کي سمجهون ٿا ته اهو اعلان پيپلزپارٽي کي فائدو رسائڻ ۽ اليڪشن جا نتيجا پيپلزپارٽي جي حق ۾ ڏيارڻ جي ڪوشش آهي ۽ ان ۾ سنڌ حڪومت جي بدنيتي پڻ شامل آهي. موسم جي حوالي سان به اتر سنڌ ۾ جون ۾ اليڪشن فزيبل ناهين، هنن چيو ته بلدياتي نظام سنڌ جو آهي، ان ۾ اسان اهڙو ڪارگل چاهيون ٿا، جنهن مان سنڌ ۽ سنڌي عوام کي فائدو پهچي.

اڳواڻن وڌيڪ چيو ته بلدياتي نظام جو قانون غير واضح آهي انهيءَ لاءِ واضع طور اختيارن جي هيٺين سطح تائين منتقلي لوڪل باڊيز جي روح مطابق عوام جي بهتري لاءِ قانون سازي ٿيڻ گهرجي، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ ايم ڪيو ايم معاهدو سنڌ دشمن معاهدو سمجهون ٿا، گڏجاڻي ۾ اتفاق ڪيو ويو ته پراونشنل فنانس ڪميشن جوڙي وڃي، جنهن ذريعي مالي وسيلن جي ورڇ ضلعن، تعلقن ۽ يوسيز تائين ڪئي وڃي. ملاقات ۾ انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ايس يو پي ۽ جي ڊي اي ۾ ايندڙ صورتحال ۾ سنڌ ايجنڊا تي گڏيل مشاورت ڪري سنڌ جي مسئلن تي گڏيل لائحه عمل جوڙينداسين ۽ مشاورت جاري رهندي. هڪ سوال جي جواب ۾ جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجو جي ڊي اي کي ناهي ڇڏيو، هن صرف جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفى ڏني آهي، هنن ميهڙ واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ميهڙ ۾ سڄو ڳوٺ سڙي رک ٿي ويو، جنهن ۾ معصوم انساني جانيون پڻ سڙي رک ٿي ويون پر سنڌ حڪومت 18 ڪلاڪ تائين به اتي پهچي نه سگهي.

هوڏانهن گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي ڊي اي جي مرڪزي وفد سردار رحيم ۽ صفدر عباسي جي قيادت ۾ حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراهھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھه بي 48 پرنس ٽائون قاسم آباد ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، جي ڊي اي وفد اياز لطيف پليجو کي بلدياتي قانون تي پنھنجي خدشن کان آگاهھ ڪيو، صفدر عباسي ۽ سردار رحيم چيو ته اسان ھا ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي آھي، بلدياتي قانون سپريم ڪورٽ جي ھدايت تحت ھجڻ گھرجي، سنڌ ۾ صحت، زراعت ۽ تعليم تباھه ٿي چڪي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ ٻٽو بلدياتي قانون ھرگز برداشت نه ڪيو ويندو، بلدياتي نظام حڪمرانن بدران عوام جي مفاد ۾ ھجڻ گھرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button