پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ بااثر ماڻهن خلاف ڳوٺاڻن جو مظاهرو

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مريد جو تڙ جي رهواسين سڪندر وسائيپوٽو، پيرسن صوبدار، مشتاق، مرتضى، اڪرم،محمود وسائيپوٽو ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڳوٺ سرنگهو ۽ لٻو جي بااثرن ماستر گلشير وسائيپوٽو، محمد خان، ڇٽو، معشوق، ارباب، عاشق، الهبخش، حليم الله، سينڌل وسائيپوٽو ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، بااثرن 2 مهينا اڳ اسان جي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو اغوا جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد مخالف ويتر مڇرجي پيا آهن، روز مختلف طريقن سان تنگ ڪري گهرن ۽ پلاٽن توڙي ملڪيتن تي قبضا ڪرڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، اسان جي ٻارن جي زندگين کي خطرو آهي، دانهون ڪرڻ باوجود ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. هنن آئي جي سنڌ،ڊي آئي جي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي مٺي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي بااثر جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button