پاڪستانسنڌ

شادي ڪرڻ تي مائٽ تنگ ڪن پيا:ميرپورخاص جي رهواسڻ

ميرپورخاص: ميرپورخاص ڀرسان تعلقي حسين بخش مري جي ڳوٺ ڪانڊيرو خاصخيلي جي رهواسڻ ريحانه خاصخيلي ۽ سندس مڙس پرويز خاصخيلي ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 5 مهينا اڳ اسان ٻنهي حيدرآباد جي ڪورٽ ۾ پسند جي شادي ڪئي آهي، جنهن بعد ريحانه خاصخيلي جو والد برڪت ۽ ٻيا مائٽ اميد علي، اشرف، محمد خان، ديدار، يونس ۽ عرس خاصخيلي اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائڻ توڙي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن، هنن ڪوڙو ڪيس ڪري جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، 5 مهينن ۾ اسان کي تمام گهڻو تنگ ڪيو ويو آهي. هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته اسان کي ڄاڻايل ماڻهن کان تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button