اسلام آبادپاڪستان

نيب جو بنا فرق احتساب ناهي،سياستدانن خلاف استعمال ڪيو ويو:چيف جسٽس

اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا آهن ته نيب جو بنا فرق احتساب ناهي پر ان کي سياسي اڳواڻن خلاف استعمال ڪيو ويو. ڪالهه هاءِ ڪورٽ نارووال اسپورٽس سٽي پراجيڪٽ نيب ريفرنس ۾ وفاقي وزير احسن اقبال جي بريت جي درخواست تي شنوائي ڪئي.نيب پراسيڪيوٽر ڪيس ۾ تحريري جواب جمع ڪرائيندي بريت جي اپيل رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. نيب پراسيڪيوٽر چيو ته احسن اقبال خلاف ڪرپشن جون ٺوس شاهديون آهن، ٽن شاهدن جا بيان ٿي چڪا آهن. احسن اقبال 73 ڪروڙن جي منصوبي جو اسڪوپ وڌائي 3 ارب رپيا ڪيو ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪري خراني کي نقصان پهچايو. چيف جسٽس چيو ته توهان تي ڪيترا ڪيس آهن، جيڪي اسان ڪالعدم قرار ڏنا آهن، ان ئي سبب ڪيس ڪالعدم قرار ڏنا ويا، ڇو ته انهن ۾ ڏوهه نٿو ٺهي. توهان جو احتساب بنا فرق ناهي، نيب کي سياسي اڳواڻن خلاف استعمال ڪيو ويو. افسوس جو سياستدانن تاريخ مان ڪجهه ناهي سکيو. ملڪ جي محب وطن ماڻهن تي الزام مڙهيو ويو ته اهي مخلص ناهن. چونڊيل نمائندا احترام جوڳا هوندا آهن. نواب خير بخش مري ۽ عطا الله مينگل جهڙن ليڊرن کي ڇا ڇا چيو ويو. اهي سڀ محب وطن هئا، مٿن الزام مڙهيو ويو ته اهي پاڪستان خلاف هئا. عدالت احسن اقبال جي نيب ريفرنس مان بريت جي درخواست تي شنوائي 11 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button