اسلام آبادپاڪستان

بجلي 2 رپيا 86 پئسا في يونٽ مهانگي،28 ارب 90 ڪروڙ جو بار پوندو

اسلام آباد :نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي 2 رپيا 86 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سي پي پي اي بجلي 3 رپيا 15 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي. بجلي جي قيمت ۾ اضافو مارچ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن سان بجلي صارفين مٿان 28 ارب 90 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جو بار پوندو. نيپرا اٿارٽي انگن اکرن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ تفصيلي فيصلو جاري ڪندي. نيپرا اختيارين موجب مارچ ۾ مقامي ڪوئلي، گئس ۽ ايل اين جي سان بجلي گهٽ پيدا ڪئي وئي. ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سان 35 ڪروڙ روپين جو اضافي بار پوندو. ايل اين جي جي کوٽ سبب 34 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ۽ بهتر صلاحيت وارا پلانٽس نه هلائڻ سبب 90 لک روپين جو بار پيو. سي پي پي اي اختيارين موجب ڪجهه پاور پلانٽس جي بندش سبب فرنس آئل وارا پلانٽس هلايا ويا. سي پي پي اي جي درخواست موجب مارچ مهيني ۾ 10 ارب يونٽ بجلي پيدا ٿي ۽ بجلي جي پيداواري لاڳت 94 ارب رپيا رهي. فرنس آئل سان 22 رپيا 52 پئسا في يونٽ ۾ مهانگي ترين بجلي پيدا ڪئي وئي. ايل اين جي سان پيدا ٿيندڙ بجلي جي لاڳت 14 رپيا 36 پئسا في يونٽ رهي. درخواست موجب 17 رپيا 35 پئسا في يونٽ ۾ ايران کان بجلي گهرائي وئي ۽ 27 پئسا في يونٽ بجلي لائن لاسز جي نظر ٿي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button